@rehmankhanmahar: تصوف جي تاريخ ۾ جڏهن به سچي عشق، بي ريا ارادت ۽ مرشد سان بي پناهه محبت جو ذڪر ايندو، ته درگاهه عاليہ روضي ڌڻي جي آستاني جو نالو ۽ اتان جي عاشقن جا داستان سرفهرست نظر ايندا. اهڙن ئي دل جي اکين سان مرشد کي ڏسندڙن مان هڪ روشن نالو خليفي ساهڙ فقير مهر جو آهي، جنهن جو مرشد سان عشق ڪنهن عام عقيدت کان تمام گهڻو مٿانھون آهي خليفي ساهڙ فقير جو روحاني تعلق پنهنجي مرشد، وقت جي امام حضرت پير سائين پاڳاري سان ڪجهه اهڙو آهي جو کيس پنهنجي غريباني ڪکڙن ۾ به عرش جي رونق محسوس ٿيندي آهي. سندس دل جي اها ئي اميد هئي ته منهنجا مرشد، منهنجي هن حقير ڪکڙن تي پنهنجو قدم مبارڪ رکي جڏهن هو روئي روئي پنهنجي مرشد کي پنهنجي ڪکڙن ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندو آهي ته ان روئڻ ۾ ڪا دنيا جي لالچ نه، پر صرف روح جي راحت ،هوندي آهي . اها سادي فقيري زندگي ۽ مرشد لاءِ بي قراري ئي اصل تصوف جو روح آهي. عشق جو اهو سفر جيڪو هميشه زنده رهندو خليفي ساهڙ فقير ثابت ڪري ڏنو ته مرشد سان محبت لاءِ محل يا قصر ضروري ناهن، پر ان لاءِ دردمند دل ۽ سڪ سان ڀريل سيني جي ضرورت هوندي آهي. هن ويڊيو ۾ نظر ايندڙ خليفہ ساهڙ فقير ان سان گڏ سندس مرحوم ڀاء خليفہ عثمان فقير جو فرزند خليفہ گهلو فقير مهر آهي واضح رهي ته خليفہ ساهڙ فقير مهر جي دعوت تڙ اصو آهي ۽ سندس ڀائٽري خليفہ گهلو فقير جي دعوت سنجرپور ڀرسان ولانہ چوڪ تي آهي ڌڻي در دعا آهي ته فقيرن جو اهو عشق سدا سلامت رهي آمين ازقلم فقير علي اڪبر مھر حر جماعت فرق سنگت صُرهو فقير دعوت تڙ اصو#foryoupage #foryoupage #pirsainpagara #pirsainpagara