@amirtangri6: معصوم چهرو، ننڍڙي پري اسڪول کان گهر واپس ويندي موت جي آغوش ۾ هلي وئي،،، حادثي واري هنڌ پيل رت سان ڀريل بيگ، ٽٽل ٽفن ۽ معصوم شهزادي جو زخمن سان چور لاش هر اک کي آلي ڪري ڇڏيو... راولپنڊي... پنهنجي والد حامد سان گڏ 9 سالن جي عائشہ بائيڪ تي اسڪول کان گهر واپس اچي رهي هئي، اڊيالا روڊ تي منور ڪالوني سامهون گرين بس جي ٽڪر سان بائيڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي ۽ معصوم شهزادي بس جي هيٺان اچي چيڀاٽجي وئي... ايتري پياري معصوم شهزادي جو اوچتو موت جي وادي ۾ هليو وڃڻ سڄي علائقي لاءِ قيامتِ صغريٰ کان گهٽ نه هو... الله تعاليٰ معصوم شهزادي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق ڏئي. آمين