@shahmi06: اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته احتجاجن، ڌرڻن، هڙتالن ۽ روڊن جي بندش سبب پاڪستاني معيشت کي روزانو لڳ ڀڳ 120 ارب رپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو. محمد اورنگزيب موجب معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ اثر سروسز شعبي تي پئجي سگهي ٿو، جتي روزانو لڳ ڀڳ 86 ارب رپين جو نقصان، جڏهن ته صنعتي شعبي ۾ 25 ارب ۽ زرعي شعبي ۾ تقريباً 9 ارب رپين جو نقصان ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته احتجاجن ۽ ڪاروباري سرگرمين جي بندش سان ٽيڪس وصولين تي به اثر پئجي سگهي ٿو ۽ تقريباً 17 ارب رپين جي روينيو نقصان جو خدشو آهي. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ملڪ ۾ مختلف گروهن پاران اسلام آباد ڏانهن احتجاجي مارچن جا اعلان ڪيا ويا آهن. #saeedrasheeddahar