@fahad_rajper: (حليم باغي) اسان ته بس چاهيو هو پنهنجي هن ڌرتيءَ تي، سج جو آزاد اڀرڻ، ۽ چنڊ جو پنهنجي چانڊوڪيءَ سان هر وسنديءَ کي ويهارڻ! اسان ته بس چاهيو هو هر ٻار جي هٿ ۾ هجي هڪ قلم، ۽ هر ماڻهوءَ جي چپن تي خوشين جي هڪ نغمه سرائي! پر تو اسان جي خوابن کي بارود جي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، اسان جي آزاد سوچن کي پٿر جي ديوارن پٺيان بند ڪري ڇڏيو. پوءِ به اي جبر جا شهر! اسان هار ناهي مڃي، اسان جو قلم اڃا روشن آهي، اسان جو آواز اڃا زنده آهي، اسان هر ڏينهن، هر رات نئين سحر جا گيت ڳائيندا رهنداسين تنهنجي يادن جي هنج ۾ منهنجا ڪيئي گيت سمهيل هوندا، جيڪي جڏهن به هوائن سان ملندا، تڏهن منهنجي هجڻ جو احساس تنهنجي وجود ۾ جاڳائي ويندا! مون ته رڳو پيار جا اکر لکيا هئا، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ زنده رهندا، جڏهن مان نه هوندس... تڏهن به منهنجي شاعري تو سان مخاطب هوندي🫀 #fyp #foryou #sindhi