@arisar377: محبت مونکي اهڙي طرح برباد ڪري ڇڏيو، جو مون پاڻ کي ئي وساري ڇڏيو. هر صبح تنهنجي خيال سان جاڳندو هئس، ۽ هر رات تنهنجي ياد ۾ روئندو هئس. ماڻهن چيو ته مان بدلجي ويس، پر انهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي مسڪراهٽ جي پٺيان ڪيڏو درد لڪل آهي. اڳي مون وٽ سکون هو، پر هاڻي رڳو اداسي جو راڄ آهي. منهنجي زبان تي هاڻي ڪنهن جو نالو نه ٿو اچي، پر دل ۾ اڃا به تنهنجو ئي راڄ آهي. هڪ وقت هو جڏهن ماڻهو منهنجي خوشين جا چرچا ڪندا هئا، پر هاڻي هر ڪو چوي ٿو، “هي ته برباد ٿي ويو آهي.” #sindhis #vir #sindhistatus #foryoupage❤️❤️ #viralvideo