@waqassoomro16: ورهاڱي کان اڳ لاهور ۾ هڪ هندو ڪاروباري خاندان پنهنجي ڪاروباري دولت ۽ اثر سبب نمايان حيثيت رکندو هو. تاريخي رپورٽن موجب ميلا رام خاندان وٽ لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ 3 ذاتي جهاز به هئا. رپورٽن مطابق ميلا رام جو خاندان ريلوي ٺيڪن سميت مختلف ڪاروبارن سان وابسته هو. خاندان جي فردن مان گوپال داس فرانس مان ذاتي جهاز خريد ڪيو، جڏهن ته روپ چند وٽ به پنهنجو جهاز موجود هو. اهو دور اهڙو هو، جڏهن ذاتي جهاز رکڻ انتهائي غيرمعمولي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. ميلا رام خاندان جي ڪاروباري سرگرمين ۽ هوابازي سان وابستگي لاهور جي ورهاڱي کان اڳ واري تاريخ جو هڪ دلچسپ باب بڻجي ٿي. #saeedrasheeddahar #LahoreHistory #MelaRam #Lahore #PunjabHistory