@alijaanmemon5: هز هائنس مير علي مراد خان ٽالپر ثاني، خيرپور رياست جي ٽالپر خاندان جو آخري حڪمران، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. مير علي مراد خان ٽالپر 29 جون 1933ع تي برائٽن، انگلينڊ ۾ جنم ورتو ۽ 1947ع ۾ ننڍي عمر ۾ خيرپور رياست جي حڪمران جي حيثيت سان گادي سنڀالي. سندس دور خيرپور جي تاريخ جو هڪ انتهائي اهم باب هو. خيرپور رياست جي تاريخ، ان جي شاهي روايتن، ثقافت ۽ ورثي سان سندس نالو هميشه جڙيل رهندو. فيض محل، ڪوٽ ڏيجي قلعو ۽ مهرانو اڄ به ان شاندار تاريخ جي ياد ڏياريندڙ نشانين طور موجود آهن. سندس وفات سان خيرپور رياست جي شاهي دور سان وابسته هڪ اهم شخصيت اسان کان وڇڙي وئي. 93 ورهين جي ڄمار ۾ سندس لاڏاڻو خيرپور ۽ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي وڇوڙو آهي. الله پاڪ هز هائنس مير علي مراد خان ٽالپر ثاني جي مغفرت فرمائي، کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن وارثن، خاندان ۽ خيرپور جي عوام کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين.#khairpur #khairpur#talpur