@psbfredo24: #nydrill #nyc #motivation #stayingfocused #trending

Psbfredo24
Psbfredo24
Open In TikTok:
Region: US
Sunday 11 October 2026 14:04:12 GMT
395
10
0
1

Music

Download

Comments

There are no more comments for this video.
To see more videos from user @psbfredo24, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

قاضي احمد: زرعي زمين تان سولر پليٽن ۽ سامان جي چوري خلاف احتجاج، قومي شاهراهه بند قاضي احمد – رپورٽ: حمدان چانڊيو قاضي احمد ويجهو ڳوٺ عبدالمالڪ راهو جي رهواسين مبينا طور زرعي زمين تان سولر پليٽون، انويٽر ۽ سمر چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي مين نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاج ڪندڙ راهو برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته قاضي احمد ويجهو ڳوٺ شير علي کوسو وٽ سندن ذاتي زرعي زمين موجود آهي، جتي سندن هاري، جيڪي پڻ ڇٽا برادري سان تعلق رکن ٿا، پنهنجن گهرن ۾ رهائش پذير آهن. مظاهرين موجب ڪجهه هٿياربند جوابدار مبينا طور گهرن ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي 16 سولر پليٽون، 3 انويٽر ۽ هڪ سمر کڻي ويا. راهو برادري جي دعويٰ آهي ته واقعي ۾ ملوث مبينا جوابدارن مان راضي چانڊيو ۽ لياقت جتوئي کي سڃاڻپ ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به چورن جي نشاندهي ۽ شڪايت باوجود قاضي احمد پوليس طرفان گهربل ڪارروائي نه پئي ڪئي  وڃي. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ايس ايڇ او قاضي احمد بشير احمد چانڊيو ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف هنن سخت احتجاج ڪيو. مظاهرين سنڌ جي اعليٰ پوليس اختيارين، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي، چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. نوٽ: مٿي ڄاڻايل جوابدارن بابت الزام احتجاج ڪندڙن جي بيان تي ٻڌل آهن؛ حتمي حقيقت جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کان پوءِ ئي واضح ٿيندي.

About