@zahidali.712: غلام قادر راهي. 💔😭 هي ڪو عام ماڻهو ناهي، پر سنڌ جي فن ۽ راڳن جي تاريخ جو هڪ وڏو نالو آهي! بدين جي گهٽين ۾ گتا ۽ ڪاغذ ميڙي، اٽي جي لپ لاءِ زندگيءَ جا ڏينهن گذاريندڙ هي شخص ڪو عام ننڍڙو ماڻهو ناهي، پر سرن ۽ راڳن جو بادشاهه، سڃاتل فنڪار غلام قادر راهي آهي. جنهن پنهنجي سريلي آواز سان ڪڏهن محفلن کي مهڪايو، ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ پنهنجي فن سان سنڌ جي ثقافت کي مالا مال ڪيو، اڄ اهو ئي فنڪار غربت جي ور چڙهي، پيٽ گذر لاءِ گهٽين ۾ ڪاغذ ۽ گتا ميڙڻ تي مجبور آهي. افسوس! جنهن آواز ڪڏهن ماڻهن جي دلين کي سڪون ڏنو، اڄ ان آواز جي مالڪ جي زندگي ڏکن ۽ محرومين ۾ گذري رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي سماج ۾ فنڪارن جي عزت صرف سندن شهرت تائين محدود آهي؟ سنڌ جي هن سريلي آواز کي غربت جي اونداهين ۾ گم ٿيڻ نه ڏنو وڃي. حڪومتِ سنڌ، ثقافت کاتي، فنڪارن جي تنظيمن ۽ دردِ دل رکندڙ ماڻهن کي گهرجي ته غلام قادر راهي جي سار سنڀال لهن ۽ سندس زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪن. فنڪار قوم جو سرمايو هوندا آهن؛ انهن جي جيئري قدر ڪريو، ڇو ته مرڻ کان پوءِ خراجِ تحسين ڏيڻ کان وڌيڪ اهم آهي، جيئري عزت ۽ سهارو ڏيڻ! جامي سنڌي #sindh #History #sindhi #badin #jamisindhi