@mashoquealirajar40: هن پوڙهي پيءُ جي چهري تي لکيل بي وسي ڏسو، شايد سندس جيئڻ جو آخري سهارو به سندس پٽ ئي هو. اڄ اهو پيءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کان محروم ٿي، انصاف جي در تي نظرون لڳائي ويٺو آهي. 😢 اي قانون ٺاهيندڙؤ ۽ حڪمرانو! اوهان جا قانون آخر ڪنهن لاءِ آهن؟ ڇا انصاف صرف اميرن ۽ طاقتورن جو حق آهي؟ ڇا غريب جي ماءُ جا لڙڪ، پيءُ جون سڏڪيون ۽ اولاد جو رت اوهان جي نظرن ۾ ڪا قيمت نٿا رکن!؟ جڏهن ڪنهن امير جو نقصان ٿئي ٿو ته سمورو نظام حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو، پر جڏهن ڪنهن غريب جو پٽ قتل ٿئي ٿو ته سندس پيءُ انصاف جي اُميد ۾ رهي ٿو. ياد رکو! غريب جو رت به ڳاڙهو آهي، سندس درد به سچو آهي، ۽ سندس انصاف جو حق به اوترو ئي اهم آهي. ⚖️ بابر علي هنگورجو لاءِ انصاف گهرون ٿا؛ ڇو ته انصاف ۾ دير، مظلوم جي زخمن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي!🥲⚖️ #justicebabar #Sindh #artist #CapCut