@sherkhankhoso: سکر: گزريل ڏينھن کوسا برادري جي عورتن پاران ڪاروباري شخصيت جاويد کوسو ۽ ان جي ڀائرن مٿان لڳايل الزامن کي سندس ڀاء رد ڪري ڇڏيو عورتن جي ڀاء خان محمد کوسو چيو آھي ته جاويد کوسو ھميشه اسان جي مدد ڪئي آھي ھو عزتدار شخصيت آھي ڪلھ منھنجي ڀيڻ پاران ڏنل ويڊيو بيان ۾ ڪا سچائي ناھين خبر ناھين ھنن ڪنھن جي چوڻ تي هي ويڊيو بيان ڏنو آھي جاويد کوسو جو چوڻ آھي ته اسان پاڻ عزتدار ماڻھون آھيون ھي اسان جون ڀيڻيون آھن ۽ اسان جون ئي عزتون آھن اسان کي جڳائي نٿو ته اسان پنھنجي ئي ڀينرن کي روڊن تي ظاھر ڪيون اگر ھن ڀيڻن کي ڪا تڪليف آھي ته اسان جا دروازا کليل آھن باقي بلا وجه ڪنھن تي الزام بازي ڪرڻ مناسب ناھين اسان ڪڏهن به پنھنجي برادري کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ناھين ڪئي ھي نياڻيون اسان جون عزتون آھن اسان کي جڳائي نٿو ته اسان پنھنجي ئي ڀينرن کي تڪليف ڏيون اسان اڄ پنھنجي مؤقف تي قائم آھيون ته اگر اسان جي خلاف ڪابه شڪايت ظاھر ٿئي ته اسان سزا جي لائق آھيون باقي بلا وجه اسان جي ڪردار ڪشي بند ڪئي وڃين