@asifmiraniking110: ڄامشورو: رات دير سان سنڌ يونيورسٽي سنڌالاجي وٽ مبينا حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان ناري سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نه پر ڄامشوري جي سيدآباد ڪالوني جي رهواسڻ 22 سالا مهڪ ملاح ڌيءَ امير علي ملاح طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل رات دير سان پهرين رڪشا جي ٽڪر ۾ فوت ڄاڻايل ناري بابت معلوم ٿيو آهي ته ناري رڪشا ۾ سوار هئي ۽ رڪشا کي ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪ ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي، جنهن سبب ناري فوت ٿي وئي. رڪشا ڊرائيور ۽ ڊرائيور جو دوست زخمي ٿي پيا. ابتدائي طور ناري جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ناري جو لاش حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. صبح جو سڃاڻپ ٿيڻ ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي. ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان ناري مهڪ ملاح جي حادثي واري واقعي کي وارثن رد ڪندي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته لاش وارثن کي ملي نه سگهيو آهي. هنن انصاف جو مطالبو ڪندي سندس وارث عورتن، چاچي ۽ ڀيڻ جو چوڻ آهي ته اسان جي معصوم نياڻي هئي، ان کي رات جو ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ هتان نيو ويو آهي. اتي رات دير تائين ڇا ٿي رهيو هو؟ بعد ۾ رڪشا ٽرڪ سان ڪيئن ٽڪرائجي ويو؟ اسان پنهنجي ڇوڪري جو لاش ڏٺو آهي ۽ اڃا تائين اسان کي پنهنجي ڇوڪري جو لاش نٿو ڏنو وڃي، کيس قتل ڪيو ويو آهي. مقتولا ناري مهڪ جي ڀيڻ موجب مهڪ کي رضا چانڊيو ۽ احمد جمالي نالي نوجوان کيس دعوت جو ڪارڊ ڏئي دعوت ۾ وٺي ويا هئا. انهن کي خبر هوندي. مڪمل جاچ ڪري ڪيس ۾ گهربل ماڻهن کي گرفتار ڪري اصل حقيقتن تائين پهچي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن زاهد جتياَل ٻڌايو ته پهرين اسان کي بغير سڃاڻپ جي لاش مليو، هاڻي سڃاڻپ ٿي آهي. ان جو پوسٽ مارٽم سميت ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. ايس ايڇ او موجب رڪشا ڊرائيور ۽ ان سان گڏ رڪشا ۾ سندس شاهد جمالي گڏ هو، جيڪي ٻئي زخمي آهن. ابتدائي طور تي هنن ٻڌايو آهي ته ناري کي سوسائٽي سيدآباد ڪالوني ڇڏڻ لاءِ نڪتا ته انڊس هاءِ وي روڊ تي يونيورسٽي سامهون ڪاٺ سان ڀريل ٽرالر جو کين ٽڪر لڳو ۽ ٽرالر فرار ٿي ويو. ايس ايڇ او موجب سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪريون پيا، هر طرح سان جاچ ڪئي پئي وڃي. رات جو ڇوڪري ڪيفي تي ڇو وئي، ڪنهن سان گڏ هئي، اها خبر وارثن کي هوندي. نياڻي آهي، اسان وڏي احتياط سان جاچ ڪريون پيا.

Asif Ali 110
Asif Ali 110
Open In TikTok:
Region: US
Wednesday 21 October 2026 04:03:17 GMT
103
13
2
0

Music

Download

Comments

asif.mirani.king
MiRani Sahab ▄︻┻═┳一👑👑👑 :
hayeee 😭😭😭
2026-10-21 05:47:26
0
mudasir.usa.comde
Mudasir USA comdey :
😭😭😭
2026-10-21 07:03:35
0
To see more videos from user @asifmiraniking110, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About