@ghayal348: اي منهنجي دل جا بادشاهه اي منهنجي قسمت جا عمر توکي ائين ڪرڻ مناسب نه هو هر ستم کان اڳ توکي منهنجي احساسن جي قبر ته بيهڻ بدران منهنجي دل ۾ لهي منهنجي درد جي حقيقت ڄاڻڻ گهرجي ها توکي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ها ته مان به ڪنهن ماءُ جي اکين جو ٺار آھيان ڪنهن جي اميدن جو سهارو ۽ ڪنهن جي دعائن سان جيئندڙ انسان آهيان اي منهنجي من جا عمر توکي منهنجي خاموشيءَ ۾ لڪل دانهن ٻڌڻ گهرجي ها منهنجي انتظار جي اذيت محسوس ڪرڻ گهرجي ها ۽ منهنجي ٽٽل لفظن پويان لڪل ان درد کي سمجهڻ گهرجي ها جيڪو مان دنيا کان لڪائي تنهنجي آڏو به بيان نه ڪري سگهيس توکي منهنجي حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ مون ته فيصلا مڙهڻ نه گهرجن ها منهنجي مجبوري ٻڌڻ کان سواءِ مون کي ڏوهاري نه سمجهين ھا اي منهنجي قسمت جا عمر محبت نه ڏئي سگهين ته ڀلي نه ڏين ها پر منهنجي احساسن کي ائين لتاڙڻ کان اڳ هڪ ڀيرو اهو ضرور سوچين ها جنهن دل کي تون درد ڏئي رهيو آهين اها به ڪنهن جي اولاد آهي ان جي اکين ۾ به خواب آهن ۽ ان جي سيني ۾ به دل ڌڙڪي ٿي جيڪا تنهنجي بي رخيءَ سان اندر ئي اندر وکري رهي آهي #viralvideo #viralvideo #viralvideo #monooriginal