💌💌هي جيڪو منهنجو اندر آ ❤️🩹❤️🩹
هر انسان جي دل ۾ ڪي اهڙيون حسرتون هونديون آهن، جن جو ذڪر هو ڪنهن سان نٿو ڪري. وقت اڳتي وڌي وڃي ٿو، ماڻهو بدلجي وڃن ٿا، حالتون به نيون ٿي وڃن ٿيون، پر ڪجهه خواب، ڪجهه نالا، ۽ ڪجهه احساس هميشه دل جي ڪنهن خاموش ڪنڊ ۾ زنده رهندا آهن. شايد زندگيءَجي سڀ کان وڏي سچائي به اها ئي آهي ته هر خواهش نصيب نه ٿيندي، ۽ هر محبت منزل تائين نه پهچندي.
"حسرت صرف اڻپوري خواهش جو نالو ناهي؛ حسرت اهو احساس آهي، جڏهن انسان وٽ سڀ ڪجهه هجي، پر جنهن جي لاءِ دل ڌڙڪندي هئي، اهو ساڻس نه هجي. پوءِ هر خوشي اڌوري لڳندي آهي، هر مسڪراهٽ ۾ اداسي هوندي آهي، ۽ هر دعا ۾ هڪ اهڙو نالو شامل هوندو آهي، جيڪو هاڻي قسمت جو حصو نه رهيو هوندو."