@baloch_jabbar01: احمد مغل انهن فنڪارن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي فن ذريعي سچ کي ماڻهن تائين پهچائين ٿا. سندس گيتن ۾ بناوٽ نه، پر حقيقتن جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي. هو جڏهن ڳائي ٿو ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن مظلوم جي دل جو آواز، ڪنهن پيڙهيل انسان جي دانهن ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ جو درد سندس آواز ۾ شامل ٿي ويو هجي. احمد مغل رڳو هڪ فنڪار ناهي، پر سچ کي سُرن ۾ بيان ڪندڙ هڪ اهڙو آواز آهي، جيڪو دلين تي اثر ڇڏي ٿو. سنڌ کي اهڙن فنڪارن تي هميشه فخر رهندو. 🌹❤️ #ahmedmughal #sindhi_jabbar110 #sindhi_jabbar #vral #foryou