@pirmujeebulhaq: يوسي اميناڻي، ڳوٺ مرزو خان لنڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت يوسي اميناڻي جي ڳوٺ مرزو خان لنڊ ۾ دين محمد لنڊ، محمد سليمان لنڊ، ذوالفقار لنڊ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪر امير علي لنڊ جي ڪوششن سان سياسي سرگرميون ۽ شموليت جو عمل اڳتي وڌايو ويو. ان موقعي تي امير علي لنڊ جي ڪوششن سان ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پارٽي سان پنهنجي وابستگي جو اظهار ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي دادو جي صدر ۽ ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق صاحب ڳوٺ مرزو خان لنڊ ۾ مسجد تعمير ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو، جيڪو علائقي جي عوام لاءِ هڪ اهم ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي. پير مجيب الحق صاحب هميشه عوامي خدمت، ڀائيچاري ۽ علائقي جي ترقيءَ کي اوليت ڏني آهي. عوام سان محبت ۽ سندن ضرورتن جو احساس ئي هڪ سچي عوامي اڳواڻ جي سڃاڻپ آهي. جيئي ڀٽو! جيئي پاڪستان پيپلز پارٽي! 🇱🇾❤️