@missrani342: پکي درياهه يا تلاءَ مان پاڻي پيئن ٿا، پر پاڻي گهٽجي نٿو وڃي. مطلب ته قدرت جي خزاني مان ٻين کي ڏيڻ سان خزانو ختم نٿو ٿئي. 🪷🤲 2. 🪷نديا نه کٽي نير نديءَ مان ماڻهو پاڻي ڀرين ٿا، جانور پاڻي پيئن ٿا، پر نديءَ جو پاڻي وري به وهندو رهي ٿو. مطلب ته قدرت پنهنجي ڏيڻ واري عمل کي جاري رکي ٿي. 🤲🪷 3. ڌرم ڪندي ڌن نه گهٽي هي سڀ کان وڏو پيغام آهي. انسان جڏهن سچائي، نيڪي، غريبن جي مدد، بکين کي کاڌو ۽ ضرورت مندن جي سهائتا ڪري ٿو، ته ان جو ڌن ۽ برڪت گهٽجي نٿي. بلڪه نيڪ ڪم ڪرڻ سان انسان جي عزت، سڪون ۽ رب جي رحمت وڌي ٿي. 🤲🪷 ڪبير ڀڳت فرمائين ٿا ته نيڪي ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڊڄو. جيڪو انسان پنهنجي ڪمائيءَ مان ٻين جي مدد ڪري ٿو، تنهن جو اصل خزانو سندس نيڪ عمل آهن. ڪبير ڀڳت جو پيغام آهي📿 نيڪيءَ جو خزانو جيترو ورهائيندا، اوترو ئي وڌندو. 🙏❤️