@ghayal348: ڪڏهن ڪڏهن مونکي لفظ محبوب لڳندا آهن دل چوندي آهي لفظن سان ويهي روح جا ٿڪ لاهي وٺان خيالي تصور ۾ محبوب کي سامهون ويهاري پنهنجي دل ۾ دفن ڪيل دردن ته هڪ نظم جوڙي وٺان ۽ سوچيندو آهيان ڪو اهڙو هجي جيڪو مونکان منهنجي محبوب جيان ڳالهيون ٻڌي ۽ مونکي ٻڌائي ته وڇڙي ويل محبوب لاءِ روئبو ناهي مونکي سمجهائي ته جدائي خدا طرفان ڏنل آزمائش هوندي آهي مونکي ٻڌائي ته هن دنيا ۾ ڪير به ڪنهن جو ناهي هوندو سڀ پنهنجي پنهنجي وقت تائين ساٿ ڏيندا آهن ۽ مان پڇانس ته آخر هن دنيا ۾ محبت کي ايترو ڏکيو ڇو بڻايو ويو آهي ذاتين جون سرحدون ريتن رسمن جا قيد ۽ ماڻهن جون سوچون ٻن دلين جي وچ ۾ ديوار ڇو بڻجي وينديون آهن مان سوال ڪيان جڏهن ٻه انسان هڪ ٻئي سان سچي محبت ڪندا آهن ته انهن جي محبت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ٻين ماڻهن کي ڇو ڏنو ويندو آهي مان کانئس پڇان ته ڇا رشتا صرف ضرورتن تائين محدود هوندا آهن ڇا ماڻهو تيسين ئي پنهنجا هوندا آهن جيستائين اسان وٽ انهن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه هوندو آهي مان پڇان ته جيڪو شخص ڪالهه اسان کان سواءِ هڪ گهڙي به رهي نه سگهندو هو اهو اڄ اسان جي غير موجودگيءَ ۾ ايترو خوش ڪيئن آهي مان کانئس پڇان ته ڇا واعدا صرف دل وندرائڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن ڇا محبت ۾ قسم کڻندڙ ماڻهوءَ کي خبر ناهي هوندي ته ڪنهن جي دل ٽوڙڻ سان ڪيترو نقصان ٿيندو آهي مان پڇان ته جيڪڏهن ڪنهن جي زندگيءَ ۾ اچڻو ئي نه هجي ته پوءِ ان جي خوابن ۾ پنهنجو گهر ڇو ٺاهجي ڪنهن جي اکين ۾ مستقبل جا خواب ڏيکاري پوءِ ان کي اڪيلو ڇو ڇڏجي مان کانئس پڇان ته ڇا ڪنهن کي وسارڻ ايترو آسان هوندو آهي ڇا دل مان ڪنهن جو نالو ميسارڻ سان گڏ ان سان گذاريل لمحا به ختم ٿي ويندا آهن مان پڇان ته آخر ماڻهو محبت کان پوءِ بدلجي ڇو ويندا آهن ڇا محبت وقت سان ختم ٿي ويندي آهي يا ماڻهو پنهنجي مطلب پورو ٿيڻ کان پوءِ محبت جو نالو ئي وساري ڇڏيندا آهن مان کانئس پڇان ته جيڪو شخص ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي بيچين ٿي ويندو هو اهو ئي شخص هڪ ڏينهن انهن اکين ۾ ڳوڙها ڏئي ڪيئن هليو ويندو آهي ۽ اھيو به پڇان ته ڇا هن دنيا ۾ ڪو اهڙو رشتو به آهي جنهن کي وڃائيڻ وڃڻ جو خوف نه هجي ڪو اهڙو انسان به هوندو آهي جيڪو وقت حالتن مفادن ۽ ماڻهن جي ڳالهين کان مٿانهون ٿي ڪنهن جو ساٿ نڀائي سگھي ٿو ڇا سچي محبت صرف ڪتابن شاعرين ۽ قصن ۾ ئي زنده رهجي وئي آهي. .گھايل. #viralvideo #viralvideo #viralvideo #monooriginal
گھايل بلوچ
Region: US
Tuesday 03 November 2026 03:41:50 GMT
Music
Download
Comments
💥 :جونیجو صاحب“ :
محبت جا رشتا جڏهن ڀروسي جي بنياد تي جڙندا آهن ته انسان سڄي زندگي گڏ گذارڻ جا خواب ڏسندو آهي. پر جڏهن ساڳيو ڀروسو ٽٽي پوي ٿو ته خوبصورت يادون به اکين ۾ لڙڪ بڻجي وينديون آهن
2026-11-03 04:39:16
1
jamaludinbalouch :
[Crying][Crying][Crying]
2026-11-03 08:57:08
2
Jabar Ali Rind :
♥️♥️♥️
2026-11-03 08:57:41
1
😈✌💔Amir Baloch Judo :
🥰🥰🥰
2026-11-03 09:09:47
1
shaidBjeer :
[Rose][Rose]
2026-11-03 03:52:59
1
Mehbob Khoso :
🥰🥰🥰
2026-11-03 09:12:52
1
Ghulam M (08) :
❤️❤️❤️
2026-11-03 03:56:47
1
IShaqBolach67 :
🌹🌹🌹
2026-11-03 03:46:38
1
aslam khoso :
❤️❤️❤️
2026-11-03 04:26:22
1
Akram Baloch :
🥰🥰🥰
2026-11-03 09:46:14
1
To see more videos from user @ghayal348, please go to the Tikwm
homepage.