@ilam_shakar: ظلم ۽ ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي! خدابخش سمیجو سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف اسان جو آواز هر حال ۾ بلند رهندو. هو اسان جو بهادر، دلير ۽ همت وارو ڀاءُ آهي، ۽ اسان ڏکئي وقت ۾ کيس اڪيلو نه ڇڏينداسين. سڀاڻي انشاءَالله سمورا ڀائر گڏجي اهو ثابت ڪنداسين ته اسان پنهنجي ڀاءُ سان گڏ بيٺل آهيون. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جي گڏيل طاقت، اتحاد ۽ ڀائپي ئي اسان جو اصل سهارو آهي. ڪنهن جي گهرن کي ڊاهڻ، جڏهن ته اندر انسان موجود هجن، انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت جي خلاف عمل آهي. اهڙي عمل جا ذميوار ڪير به هجن، انهن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اسان جو مطالبو آهي ته متاثر خاندانن کي انصاف ڏنو وڃي، سندن گهرن ۽ جانين جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هڪ ڀاءُ جو ڏک، سڀني ڀائرن جو ڏک آهي. اتحاد زنده باد، ڀائپي زنده باد! اسين پنهنجي ڀاءُ خدابخش سمیجو سان گڏ آهيون.