@sadam.ghoto...786: گهوٽڪي پوليس جو هڪ ڀيرو ٻيهر مبينا غيرقانوني ۽ افسوسناڪ عمل! اطلاعن موجب، گهوٽڪي پوليس بنا ڪنهن فريادي، بنا ڪنهن ظاهر ڪيل ڏوهه ۽ قانوني جواز جي، مشهور ٽڪ ٽاڪر رياض علي گهوٽو کي رات جي وقت کنڀي کڻي وئي ۽ بعد ۾ دادلوءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو. آخر ڪهڙي قانون تحت ڪنهن شهري کي بنا سبب ۽ بنا قانوني جواز جي حراست ۾ ورتو وڃي ٿو؟ ڇا ڪنهن به شهري جي عزت، آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ڪا اهميت ناهي؟ اسين گهوٽڪي پوليس جي هن مبينا عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اعليٰ پوليس اختيارين، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، شفاف جاچ ڪرائي وڃي، رياض علي گهوٽو جي قانوني حيثيت ۽ گرفتاري جا سبب واضح ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن گرفتاري غيرقانوني ثابت ٿئي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، پوليس عوام جي محافظ آهي، خوف ۽ بيچيني جو سبب نه! اسان جو مطالبو صرف ايترو آهي ته قانون جي بالادستي، شهرين جي عزت ۽ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. #JusticeForRiazAliGhoto #GhotkiPolice #RuleOfLaw #HumanRights