@ardnskyy: Kasur pompa angin otomatis, praktis tanpa colokan. #kasurpompa #kasurmurah #kasurmodofo #modofoairbed

Ardina Harrera
Ardina Harrera
Open In TikTok:
Region: ID
Saturday 14 November 2026 06:41:46 GMT
150
5
0
0

Music

Download

Comments

There are no more comments for this video.
To see more videos from user @ardnskyy, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

رقص جو فلسفو...!  حفيظ آزاد  (پياري ڀيڻ ڪامريڊ شيرين اسد زئور جي نانءُ)  رقص رُڳو ڪو ناچ ناهي، رقص تہ رُوح جو آواز آهي، جڏهن جسم ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن رُوح رقص ۾ جاڳي ٿو. سنڌ جِي مٽيءَ مان اُٿندڙ ڌيءَ، جڏهن پير زمين تي رکي ٿي، تہ زمين بہ ڄڻ ساھ کڻي ٿي، ۽ آسمان بہ جُهڪي ڏسي ٿو. هُن جا ڊگها وار، ايئن ڪارن ڪڪرن جهڙا آهن، جيئن ڌرتيءَ تي مينهن وسي ٿو، تيئن هُن جَي وارن مان يادون وسن ٿيون. هُن جِي ويڪري ڇاتيءَ، جسم جيان نہ پر دل جيان، جتي سڄي سنڌ سمائجي ٿي، اُتي درد بہ آهي، اُتي دُعا بہ آهي. جڏهن هُوءَ هٿ مٿي ڪري ٿي، تہ ڄڻ خُدا ڏانهن سُوال ڪري ٿي، جڏهن هُوءَ جُهڪي ٿي، تہ ڄڻ مٽيءَ کي سلام ڪري ٿي. رقص ۾ سُڪون آهي، رقص ۾ اطمينان آهي، جيئن درياءَ پنهنجي وهڪري ۾ سُڪون ڳولي ٿو، تيئن انسان رقص ۾ پنهنجو پاڻ ڳولي ٿو. رقص تہ نفس کي مارڻ لاءِ آهي، لطيف سائين جِي وائيءَ ۾، سچل جِي ڪافيءَ ۾، رقص تہ عشق جو اظهار آهي. هُن جَي پيرن جِي ڇم ڇم، ڪو گُهنگهرو ناهي، اُها تہ دل جِي ڌڙڪن آهي، جيڪا مٽيءَ سان ڳالهائي ٿي. هُوءَ جڏهن گُهمي ٿي، تہ دُنيا گُهمي ٿي، هُن جَي گُهمڻ ۾ گردش آهي، جهڙوڪ چنڊ سج جَي چوڌاري گُهمي ٿو. سندس وار جڏهن هوا ۾ اُڏامن ٿا، تہ وقت بہ بيهي وڃي ٿو، ڏسندڙ جيون وساري ويهن ٿا، بس رُڳو هڪ منظر رهي ٿو، هڪ شيرين زئور، هڪ رقص ۽ هڪ سچ. رقص ۾ ڪا بہ شرم ناهي، رقص ۾ ڪو بہ پاپ ناهي، رقص تہ پاڪيزگي آهي، جيئن مندر ۾ ڏيئو ٻري ٿو، تيئن جسم ۾ رُوح ٻري ٿو. هُن جا هٿ جڏهن ڦِرن ٿا، تہ ڄڻ ٻہ پکي اُڏامن ٿا، هڪڙو آزاديءَ ڏانهن، ٻيو مُحبت ڏانهن. هُن جَي اکين ۾ سنڌ آهي، سنڌوءَ جو پاڻي آهي، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين، سڄو درد ۽ سڄو سُڪون آهي.  رقص ڪندڙ عورت، ڪمزور ناهي هُوندي، هوءَ تہ سڀ کان طاقتور هُوندي آهي، ڇو تہ هُوءَ پنهنجي درد کي، رقص ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. دُنيا چوي ٿي، عورت نچي تہ بدنام ٿئي ٿي، پر سنڌ چوي ٿي، عورت نچي تہ زمين آباد ٿئي ٿي. هُن جَي رقص ۾ بہ ساڳيو فلسفو آهي، تہ زندگي هڪ گردش آهي، ڪڏهن خُوشي، ڪڏهن غم، ڪڏهن ميلو، ڪڏهن وڇوڙو، پر جيڪو رقص ڪري ٿو، اُهو ڪڏهن بہ هارائي نٿو. جڏهن هوءَ ٿڪجي ٿي، تڏهن بہ نٿي بيهي، ڇو تہ رقص ۾ ٿڪ ناهي، رقص ۾ تہ نئون ساھ آهي. سُڪون ڪٿي آهي؟ مسجد ۾، مندر ۾، پر سڀ کان وڏو سڪون، رقص ڪندڙ جَي پيرن هيٺان آهي، جتي مٽي بہ نرم ٿي وڃي ٿي. هُوءَ نچي ٿي تہ هوا بہ نچي ٿي، وڻ بہ نچن ٿا، پکي بہ نچن ٿا، سڄي ڪائنات هڪ ڌُن تي نچي ٿي. اي سنڌي ڌيءَ شيرين! تُنهنجو رقص تنهنجي بغاوت آهي، تنهنجو رقص تنهنجي عبادت آهي، تنهنجو رقص تنهنجي آزاديءَ آهي. تنهنجا وار جڏهن پُٺيءَ تي پون ٿا، تہ ڄڻ رات جو اُونداهو، ڏينهن تي چادر وجهي ٿو، ۽ اُن اونداهيءَ ۾ بہ، روشنيءَ جو هڪ ڏيئو ٻري ٿو. تنهنجي ڇاتيءَ ۾ جيڪي وسعتون آهي، اُهي سنڌ جُون واديون آهن، جتي هزارين درد لڪل آهن، پر تون اُنهن دردن کي بہ، رقص جي سُر ۾ ڳائين ٿي. رقص ختم نٿو ٿئي، جسم بيهي ٿو، پر رُوح نچندو رهي ٿو، ۽ جيڪو هڪ دفعو، سچو رقص ڏسي ٿو، اُهو سڄي عُمر اُن جَي سُڪون ۾ رهي ٿو. Shireen Asa'ad Zounr 🌹👌❤👍

About