@callmetaurus0: مون چيو: مون کي ان وقت کان ڊپ ٿو لڳي. جڏهن مون کي تنهنجي جدائي ۾ قرار اچڻ لڳندو. هوءَ وراڻيو: ڇا مطلب؟ مون چيو: مطلب اهو ته محبت ۽ صبر، هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. جيڪي ماڻهو سچي محبت ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به جدائيءَ ۾ صبر نٿا ڪري سگهن. انهن کي اهو سوچي به قرار نٿو اچي ته منهنجو محبوب شايد مصروف هوندو، مجبور هوندو، مون سان ڳالهائي نٿو سگهي، مون سان ملي نٿو سگهي، مون سان رابطو نٿو ڪري سگهي ته ضرور ڪا نه ڪا مجبوري هوندي. هوءَ منهنجي ڳالهه ڏاڍي غور سان ٻڌي رهي هئي. مون اڳتي چيو: محبت ڪندڙن کي ته پنهنجو محبوب هر لمحي گهرجي هوندو آهي. ڪنهن مجبوري کي، ڪنهن مصروفيت کي محبت نٿي مڃي. اها ئي ته محبت آهي. ۽ جنهن ڏينهن محبت ۾ صبر اچي وڃي، سمجهو ته محبت ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. محبت جيڪڏهن صرف عادت بڻجي وڃي، محبت ۾ جنون ختم ٿي وڃي، ته پوءِ سمجهو محبت به ختم ٿي وئي. منهنجي ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي هن جون اکيون آليون ٿي ويون. مون چيو: انهيءَ لاءِ ته مان چوندو آهيان، مون کي ان وقت کان ڊپ لڳي ٿو، جڏهن مون کي تنهنجي جدائي ۾ قرار اچڻ لڳندو. هن آهستي سان اثبات ۾ ڪنڌ لوڏي ڇڏيو. مون چيو: مان تنهنجي دوريءَ تي چڙهان ٿو، توسان وڙهان ٿو، توسان ڪاوڙيان ٿو. پر هي منهنجو ڪاوڙ ناهي. هي ته تنهنجي لاءِ منهنجي بي انتها محبت آهي. ۽ تون مون کان خفا ٿي وڃين ٿي ته تون مون کي سمجهين ئي نٿو جڏهن ته حقيقت اها ناهي. حقيقت صرف ايتري آهي ته مان توسان بي انتها محبت ڪريان ٿو. ان ڪري بار بار توکي تنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندو آهيان پنهنجو حق جتائيندو آهيان ته مون کي تنهنجو وقت گهرجي تنهنجو پيار گهرجي، تنهنجي توجهه گهرجي. ۽ تون سمجهين ٿي ته مان توسان بنا سبب وڙهان ٿو، جهڳڙو ڪريان ٿو، شڪ ڪريان ٿو. پر جنهن ڏينهن مان خاموش ٿي ويس، ان ڏينهن سمجهي وڃجانءِ ته تون به منهنجي لاءِ اها اهميت وڃائي چڪي آهين. پوءِ مون کي ڪو فرق نه پوندو ته تون مون کي ياد ڪرين ٿي يا وساري چڪي آهين. ان وقت منهنجي خاموشي سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن ڪو توسان محبت ڪري ٿو، ته ان جي قدر ڪرڻ سکو. نه ته جنهن شخص کي تون پنهنجي زندگي مان ٺڪرائي ڇڏيندين، جيڪڏهن اهو مخلص نڪتو ته پوءِ پنهنجي ان قيمتي انسان کي وڃائڻ جو پڇتاء سڄي عمر رهندو. خدارا! جيڪڏهن ڪو اوهان سان مخلص آهي ته ان جي قدر ڪرڻ سکو. زندگي هر بار موقعو نٿي ڏئي ته اوهان کي ڪو مخلص انسان ٻيهر ملي سگھي.!#taurus♉️ #sufisong #sufislovers #mumtazlashari #badin
Taurus♉️
Region: PK
Saturday 14 November 2026 12:30:19 GMT
Music
Download
Comments
V I C K Y 💙 :
Hayeee ❤️🩹🫠
2026-11-17 07:49:30
3
ᴢᴀᴍᴇᴇʀ ʜᴜꜱꜱᴀɪɴ 💔 :
caption plz
2026-11-15 14:14:00
3
MA_12 :
Thik
2026-11-14 19:57:56
5
گمنام ✍️ :
wah Kamal ❤
2026-11-15 09:25:09
3
Ayesha queen 👑 :
heyyyyyyy
2026-11-15 15:03:22
3
Ayesha Pinky🎀🤭 :
2026-11-15 21:16:27
3
Ar Njo. :
Caption
2026-11-18 15:28:14
1
Aashan Ali_01 :
2026-11-18 07:59:36
2
️ ✨ عمراڻي ✨ :
2026-11-15 14:50:49
2
GHAFFAR"" :
hye🙁
2026-11-16 14:26:43
1
ح ✨🖤 :
2026-11-17 16:50:00
1
Ar Njo. :
Caption
2026-11-16 21:51:37
1
RK Vintage 1997 :
🥰🥰🥰
2026-11-16 18:21:40
1
MeeR HaaDi :
[Red heart][Red heart][Red heart]
2026-11-16 19:52:01
1
MeeR HaaDi :
[Heartwarming][Heartwarming][Heartwarming]
2026-11-16 19:52:03
1
𝐇𝐁 𝐁𝐚𝐥𝐨𝐜𝐡 :
[Red heart][Red heart][Red heart]
2026-11-17 08:27:38
1
Saqib Ali Channa :
🥰🥰🥰
2026-11-16 12:23:27
1
Zulfiqar Meer Sahab🚩 :
❤️❤️❤️
2026-11-16 04:54:04
1
king sandeela :
🥰🥰🥰
2026-11-17 10:38:59
1
𝙰𝕝𝕚 𝚁𝕒𝕫𝕒🦋🦋 :
🥰🥰🥰
2026-11-17 02:52:37
1
ijaz chachar :
🥰🥰🥰
2026-11-17 05:24:09
1
king sandeela :
😁😁😁
2026-11-17 10:38:57
1
{ Nizam.Din.Ali } :
🥰🥰🥰
2026-11-17 12:30:38
1
BALOCH🫀 :
❤️❤️❤️
2026-11-17 15:10:34
1
ADEEL⚜️ :
🙂↔️
2026-11-16 18:51:21
1
To see more videos from user @callmetaurus0, please go to the Tikwm
homepage.