@baberazamofficialpag: 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ فتح کانپوءِ ڀارتي رانديگرن جو جارحاڻو رويو! پاڪستاني رانديگرن کي مبينا طور تي جوتا ڏيکارڻ جو انداز، غيرمعمولي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڀارتي انڊر 19 رانديگرن ميدان ۾ جارحاڻو رويو اختيار ڪري ورتو. صورتحال ان وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ڀارتي رانديگرن جو پاڪستاني رانديگرن سان رويو سخت نظر اچڻ لڳو، پر ڪوچ فوري طور مداخلت ڪندي پنهنجن رانديگرن کي روڪي ورتو. جيڪڏهن ڪوچ وچ ۾ نه اچي ها ته ميدان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي رانديگرن وچ ۾ هڪ ٻيو سخت ۽ گرما گرم مقابلو ڏسڻ ۾ اچي سگهي ها! 😳🔥 ڪرڪيٽ ۾ کٽڻ اهم آهي، پر راند جي ميدان ۾ راند جي اخلاقيات ۽ مخالف رانديگرن جو احترام ڪرڻ به تمام ضروري آهي!