@vivek.soojani: زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ پوري زندگي بدلائي ڇڏيندو آهي. جيڪا ڇوڪري هيئنر مون سان ڳالهائي ٿي، اُها جڏهن مون وٽ آئي هئي ته وڏي معصوميت سان پڇيائين: مونسان دوستي رکندين؟ اهو سوال ٻڌي مان مرڪي پيس، ڇو ته دوستي ايتري سادي به ناهي جيتري اسان سمجهون ٿا. مون ورائي پڇيومانس: دوستي! ڪهڙي قسم جي دوستي؟ دوستي جا ته قسم ٿيندا آهن. هوءَ حيران ٿي پڇيائين: ڪهڙا ڪهڙا؟ مون چيو: ڏس، هڪ دوستي سادي ٿيندي آهي. جيئن ٻه ماڻهو ملن، چانهه پيئن، حال احوال ڪن ۽ هليا وڃن. ان ۾ نه دل جو بار، نه رات جو جاڳڻ، نه وڇوڙي جو ڊپ. ۽ ٻي دوستي... ٻي دوستي مکڻ جي سيخ پچائڻ واري ٿيندي آهي. جنهن ۾ هٿ به سڙي، دل به سڙي، پر پوءِ به مزو ايترو جو ماڻهو هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هجي. جنهن ۾ سڙڻ به عبادت لڳي ۽ سهڻ به ثواب. اها دوستي سادي نه هوندي آهي، اها عشق هوندي آهي. مون پڇيو: اوهين ڪهڙي پيا چئو؟ هوءَ ڪجهه دير خاموش رهي. اکيون جهڪايائين، چهري تي هڪ ننڍڙي شرمائتي مرڪ آئي ۽ آهستي، دل جي اندر مان چيائين: (الائي)... ۽ ان هڪ لفظ ۾ منهنجي سڄي زندگي جو فيصلو لکجي ويو. "الائي" جو اصل راز ڇا ٿو ٿي سگهي؟... هن "الائي" ۾ لڪل راز کي ڪير ٿو سمجهي سگهي جيڪو پهرين کان ئي اهو "الائي" ڄاڻيندو هجي. دنيا ۾ ٻن قسمن جون "الائيون" هونديون آهن. هڪ مرد جي ۽ هڪ عورت جي. مرد جڏهن "الائي" چوندو آهي ته ان جو مطلب سچ ۾ خبر ناهي هوندو آهي. هو پريشان هوندو آهي. پر جڏهن هڪ عورت ڪنهن مرد کي دل سان، اکيون جهڪائي "الائي" چوندي آهي، ته اها "الائي" انڪار ڪڏهن به نه هوندي آهي. ان هڪ لفظ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه هوندو آهي سواءِ انڪار جي. ان "الائي" ۾ شرم هوندو آهي ته مان ڪيئن چوان ته مان تنهنجي ٿيڻ چاهيان ٿي. ان "الائي" ۾ حيا هوندي آهي ته ڪٿي تون مون کي هلڪي نه سمجهين. ان "الائي" ۾ هڪ لڪل اجازت هوندي آهي ته بس هاڻي تون اڳتي وڌ، لڄ مون کان ٿيندي. ان "الائي" ۾ هڪ مڪمل اقرار هوندو آهي ته مان تنهنجي آهيان، پر چوڻ جو حق ۽ مان توکي ٿي ڏيان. حقيقت ۾ عورت جي زبان تي آيل "الائي" هزار لفظن جي "ها" کان وڌيڪ خوبصورت ۽ سچي هوندي آهي. ڇو ته "ها" چوڻ سان ڪهاڻي ختم ٿي ويندي آهي، پر "الائي" چوڻ سان ڪهاڻي هميشه لاءِ شروع ٿي ويندي آهي. هن هڪ "الائي" چئي مون کي زندگي جي ٻي دوستي ڏئي ڇڏي، جيڪا سادي نه، پر مکڻ جي سيخ پچائڻ واري هئي - جنهن ۾ مان اڄ تائين سڙي رهيو آهيان ۽ خوش به آهيان.
Vivek Soojani ✅
Region: PK
Monday 23 November 2026 09:00:26 GMT
Music
Download
Comments
Zafar Ali Arf :
Hyyyyyyyyyyuyyyu[Broken heart][Broken heart][Broken heart][Broken heart][Broken heart]
2026-11-25 05:43:48
0
VISHAL RAJPUT :
Hayeee[Sleepy]
2026-11-25 07:23:41
0
🇱🇾💔💔شر🔥 اظهار علي 🇱🇾 :
ابا سلام آ تنهنجي غيرت کي جوان جا پٽ وڌيڪ ڇا چئون توکي ✌
2026-11-25 05:53:32
1
٭͡Dʌɴɪsʜ Aʟɪ٭ :
zabrdast sain 🥰❤️
2026-11-25 07:13:37
0
Zahid Ali shah dour :
tumra phela mag ata h to apke screen pe wo Hy msg ajata h Matlab as mobile me do what's up bane howe Hain
2026-11-25 06:23:26
0
👑 وفـــــــــJAKHROـــــــا🤕 :
ھن منظر اکيون آليون ڪري ڇڏيون ماما ڪجھ پراڻيون يادون تازيون ٿي ويسن
2026-11-25 06:00:10
0
The King Of Mithi :
To gya bhai😁
2026-11-24 07:29:45
2
𝐈𝐬𝐫𝐚𝐫 𝐊𝐚𝐥𝐡𝐨𝐫𝐨 :
Wa ❤️💖
2026-11-25 07:24:06
0
💥raees💥 رند 💥 :
Wah
2026-11-25 05:21:39
0
🎼MaKaWaNa On LoVe 🎼..❤..🅱️ :
ھئي❤
2026-11-24 13:19:46
0
➳ᴹᴿ᭄𝙏𝙖𝙍𝙞𝙌 𝘽𝙖𝘿𝙨𝙃♌🥀 :
hayeeeee 🫴🥀🥰🥀
2026-11-24 13:44:05
0
꧁ 𝑴𝑼𝑺𝑲𝑨𝑨𝑁 ꧂ :
please sapot my new account🙏🙏
2026-11-24 15:33:06
1
٭͡Dʌɴɪsʜ Aʟɪ٭ :
mitha please caption send
2026-11-25 07:25:14
0
qadir-mallah-🫥 :
hum q maze le rahe hai [Snicker]
2026-11-25 06:52:00
0
Gotam kumar :
🥰🥰🥰
2026-11-23 15:12:28
1
Babar_ALI★ :
Jhute Video hy
2026-11-24 12:08:08
1
🌹A N🌹 jaan 🌹 :
❤️❤️❤️
2026-11-24 05:04:58
2
Gotam kumar :
🥰🥰🥰🥰🥰🥰🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:08
1
Gotam kumar :
🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:18
1
Gotam kumar :
🥰🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:28
1
Gotam kumar :
🥰🥰🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:43
1
Gotam kumar :
🥰🥰
2026-11-23 15:13:26
1
Gotam kumar :
🥰🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:47
1
❣️💫𝓜ₐᴻຮόό𝕣༒꧂Baloch꧂ :
😊😊😊
2026-11-25 04:50:51
0
Gotam kumar :
🥰🥰🥰🥰
2026-11-23 15:13:13
1
To see more videos from user @vivek.soojani, please go to the Tikwm
homepage.