@laalmuhammad523: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي شاعري ۽ عابده پروين جي آواز جو ميلاپ روح کي ڇهي ويندڙ آهي جڏهن شاهه سائينءَ جا هي درد ڀريا لفظ عابده پروين جي سوز ڀري آواز ۾ ٻڌجن ٿا ته وڻجاريءَ جي جدائيءَ ۽ انتظار جو اهو منظر اکين اڳيان تري اچي ٿو سندس آواز ۾ موجود سوز ۽ گھرائي شاهه صاحب جي ڪلام جي اصل روح ۽ تڙپ کي بلڪل ائين پيش ڪري ٿي جيئن شاعر محسوس ڪيو هجي اهو ئي سبب آهي جو صدين کانپوءِ به هي ڪلام اڄ به دلين تي راڄ ڪري ٿو #abidaparveen #laalmuhammad523 #sindhisong #unfrezzmyaccount #SufiKalam