@callmetaurus0: هوءَ بي وفا نه هئي، رڳو مجبور هئي. هن محبت کي ڪڏهن به وسارڻ نه چاهيو، پر پنهنجن مائٽن جي خوشي خاطر پنهنجي دل جون سڀ خواهشون قربان ڪري ڇڏيون. اڄ هوءَڪنهن ٻئي جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، پر شايد سندس دل ۾ اڄ به اهي اڻپورا خواب، اهي اڻچيل لفظ ۽ اهي وسارڻ ناممڪن يادون زنده آهن. ڪجهه محبتون ملڻ لاءِ نه هونديون آهن، پر انسان کي عمر ڀر روئارڻ لاءِ هونديون آهن. سڀ کان ڏکيو اهو لمحو هوندو آهي، جڏهن دل هڪڙي جي هجي، پر قسمت ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ لکي وڃي.#taurus♉️ #sufisong #sufislovers #rajabfaqeer #badin